SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


وچوليون طاقتون


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


وچوليون طاقتون

Middle Powers

مڊل پاورز

ٿڌي لڙائيءَ جي مدي ۾ ڪتب ايندڙ اصطلاح جنهن ۾ سُپر پاورز کي ڇڏي ٻين اهڙيون سگهارين رياستن کي مڃيو وڃي ٿو. جيڪي فوجي طاقت، وسيلن ۽ جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان انتهائي، اهميت جوڳيون هُجن ۽ ڪو به سُپر پاور امن جي ڏهاڙن ۾ سندن سهڪار جو گهرجائو ۽ جنگي حالتن ۾ سندن مدد جو طالبو هُجي. اِن درجي بنديءَ ۾ فرانس، انگلينڊ، چين، جاپان، جرمني، ڪئناڊا، اٽلي، برازيل، اسپين، پولينڊ، انڊيا، آسٽريليا، ميڪيسڪو، ارجنٽينا ۽ ڏکڻ آفريقا جهڙن مُلڪن کي شامل ڪيو وڃي ٿو. اهي رياستون وڏي انساني آبادي، گهڻي حد تائين اُسريل سماجي تاڃي پيٽو، مضبوط فوجون ۽ چڱي چوکي دولت رکن ٿيون ۽ ڪنهن حد تائين ”علائقائي طاقتن“ طور ڳڻجن ٿيون. ڪن ماهرن موجب، انهن رياستن کي ”مٿانهيون وچوليون رياستون“ ۽ ”هيٺاهيون وچوليون رياستون“ وارن درجن ۾ به ورهائي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته مٿي بيان ڪيل رياستون به سگهه، وسيلن ۽ ٻين ميدانن ۾ هڪٻئي سان ڀيٽي نه ٿيون سگهجن ۽ منجهن ڪافي تفاوت آهي. بهرحال پوءِ به اهڙيون رياستون جيڪي پنهنجي حدن کان ٻاهر محدود پرفيصلائتي انداز ۾ ڪو سگهارو ڪردار ادا ڪري سگهن، ته انهن کي ”وچولين طاقتن“ جي سٿ ۾ رکي سگهجي ٿو. نئين دور ۾ سياسي سائنسدانن انهن رياستن لاءِ پنج معيار مقرر ڪيا آهن. 1. مادي يا معاشي طاقت ،2. فوجي سگهه، 3.تحرڪ جي سگهه، 4. ڳڻپ جوڳي ترقي ۽ 5. انساني صلاحيت


Remember Me Also:

بي اونائي

ث. بيفڪري. لاپرواهي. اطمينان.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal